نظر آيو ته عمران خان ۽ سندس ساٿين جا منهن لٿل نظر آيا عمران خان جنهن کي اِهو چئي سنڌجو دورو ڪرايو ويو ته وڏيرا پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيندا پر هو جتي ويو اتي کيس ئي دعوت ڏيڻي پئجي وئي پر ان دعوت جي ڪا خاص موٽ ملندي به نظر نه آئي رهندو کين تنقيد جو منهن ڏسڻو پئجي ويو ته عمران خان ميان مٺو وٽ ويو ۽ کيس به پي ٽي آءِ ۾ شموليت جي دعوت ڏني جنهن کان پوءِ مٿن تنقيد شروع ٿي وئي ته پي ٽي آءِ جي مقامي قيادت ترديد ڪرڻ لڳي ته ميان مٺو کي شموليت جي دعوت ناهي ڏني وئي ، ميان مٺو هندو نياڻين جا مذهب مٽائڻ جي حساب سان شهرت رکي ٿو جيڪو هو پنهنجي پر ۾ وڏو دين جو ڪم ڪري رهيو آهي اهڙي همراھه وٽ وڃڻ مان ثابت ٿئي ٿو ته عمران خان جي تبديلي واري نعري ۾ ڪيتري صداقت آهي .....! اصل ۾ اسان وٽ سياسي نعره لڳندا آهن پر اهي نعره رڳو جلسن تائين محدود هجن ٿا پي ٽي آءِ جو تبديلي وارو نعرو به جلسن تائين محدود نظر اچي ٿو سندن نوجوان قيادت وارو نعرو به خام خيالي ثابت ٿيو ڪي پي ڪي ۾ پرويز خٽڪ جي وڏ وزارت ثابت ڪري ٿي ته نوجوان انهيءَ عهدي لاءِ لائق ناهن پي ٽي آءِ ۾ مرڪزي قيادت مان پڻ ثابت ٿئي ٿو ته اڳواڻي به 70 کان 80 سالن وارن لاءِ آهي نوجوان رڳو گانن تي نچندا رهن عمران خان جيڪو پاڻ اڳ آمريت جي ڇانوءَ ۾ سياسي ميدان ۾ آيو ۽ هڪ مخصوص ايجنڊا هيٺ سياست جو بنياد رکيو پر آمر هن جي خواب کي پورو ان ڪري به نه ڪيو ته کيس مسلم ليگ ق جي صورت ۾ مضبوط وفادار ملي ويا هئا خير سنڌ جي وڏيرن ته مسلم ليگ ق کي به پنهنجي مقصد لاءِ قبول ڪري ورتو هو پر سوال اِهو آهي ته ڇا سنڌ عمران خان کي قبول ڪري وٺندي ...............؟ پي ٽي آءِ سنڌ کي فتح ڪرڻ لاءِ مختلف انداز اختيار ڪيا پر کين اڃا ڪا خاص ڪاميابي نه ملي سگھي آهي ان جو سبب شايد پ پ جو اقتدار ۾ هجڻ به آهي ڇو ته اسان جا وڏيرا اقتدار کي ئي پسند ڪندا آهن ۽ سنڌ جا اڪثر وڏيرا هن وقت پ پ پ جي برڪتن سان اقتدار جا مزا ماڻي رهيا آهن ، اهي ڇڏي ڪنهن به صورت ۾ اهڙي پارٽي ۾ نه ويندا جنهن جا اڃا سنڌ ۾ حڪمراني جا آثار ئي نه ملندا هجن باقي اهي وڏيرا ، ننڍيرا پي ٽي آءِ سميت مختلف پارٽين ۾ نظر اچي رهيا آهن جيڪي وانداويٺل آهن يا هارايل آهن سنڌ جو مطلب وڏيرا ناهن سنڌ جو مقصد اهو عوام آهي جيڪو ووٽ ڏئي اقتدار ۾ آڻي ٿو، پر بد قسمتي سان اسان جو عوام ووٽ به اڪثريت ۾ وڏيرن جي چوڻ تي ڏين ٿا ان ڪري سياست ۾ وڏيرن جي اهميت آهي شايد هن اهميت کي نظر ۾ رکي تبديلي جي ڳالھهڪندڙ پي ٽي آءِ به مجبور آهي ته وڏيرن کي پارٽي ۾ شامل ڪري ...........! جيڪڏهن پي ٽي آءِجو اهو مقصد آهي ته پوءِ هڪ دفعو وري وڏيرن جي اگھه ۾ اضافو ٿي ويندو جئين عمران خان لنڊ سردار ۽ ميان مٺو سان ملاقاتون ڪري سندن اگھه وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي ، عمران خان اڄ به پنهنجي انهن خيالن مان آجو نه ٿيو آهي جيڪي خيال هن سان طالبان هڪجھڙائي وارا ظاهر ڪيا هئاان ڪري ئي کيس طالبان خان پڻ ڪوٺيو ويندو آهي ، سندس سنڌ بابت به خيال اهي آهن جيڪي آمر جنرل مشرف جا هئا الڳ صوبن جي ڳالھه تان هن باضابطه هٿ نه کنيو آهي نه ئي ڪالاباغ ڊيم بابت کان اضع موقف ڏنو آهي ماضي ۾ هن ڪالاباغ ڊيم جي حمايت وارا بيان ڏنا آهن اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو عوام کيس ڪئين قبول ڪندو ....... سنڌ جيڪا ميدان ۾ سياست جي يونيورسٽي جي حثيت رکي ٿي جتان سياست ۽ جمهوريت
جا درس ڏنا ويا آهن ۽ ان سان گڏ آمريت سان مهاڏو اٽڪائڻ جا مثال ملن ٿا سنڌ جيڪا جدوجھد جا وڏا داستان رکي ٿي اها ڪٿي ٿي هاڻ اهڙي فرد کي قبول ڪري سگھي ٿي جيڪو تبديلي جي نالي سنڌ جي جاگرافيا کي تبديل ڪرڻ جھڙي سوچ رکندڙ هجي ۽ سنڌ سڪائڻ واري منصوبي بابت اها سوچ رکندو هجي جيڪا آمرن رکي هئي ، ائين به ناهي ته سنڌ تبديلي نٿي چاهي سنڌ تبديلي چاهي ٿي پر اهڙي تبديلي نه جو گھوڙا ساڳيا هجن سندن سنج مٽيل هجن جئين ماضي ۾ هارس ٽريڊنگ جي نتيجي ۾ ٿيندو رهيو آهي عمران خان به جيڪڏهن تبديلي وڏيرن جي ڪلهن تي چڙهي آڻڻ جي خواهش رکي ٿو ته پوءِ اها تبديلي نه پر لوٽي گيري هوندي ...... سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم کي سوڙهي ڪرڻ کانپوءِ ڪراچي اندر پي ٽي آءِ سندن جاءِ والارڻ لاءِ اکيون کولي ويٺل آهي ، کين اهو آسرو ان ڪري به آهي ته ڪجھ تڪن تان پي ٽي آءِ ڪامياب رهي آهي ، ائين ته ڪراچي جي ٻن کان چئن سيٽن تي پ پ پ ۽ مسلم ليگ ن ، اين پي پي جا اميدوار به ڪامياب ماڻيندا رهيا آهن ان ڪري اِهو نٿو چئي سگھجي ته ڪراچي کي انهن ڪو فتح ڪري ورتو آهي بحرحال جتي ايم ڪيو ايم جو مڪمل ضابطو هجي اتي ٻه ٽي سيٽون به کڻي اچڻ وڏي ڳالھه آهي هن دفعي جڏهن ايم ڪيو ايم هڪ خال ڇڏي رهي آهي امڪان اهو به آهي ته ايندڙ چونڊن ۾ ايم ڪيو ايم بائيڪاٽ به ڪري ته پوءِ ڇا اتي پي ٽي آءِ ئي ڪامياب ٿيندي ائين به ناهي جيڪڏهن ايم ڪيو ايم پاڻ نه به بيهي ۽ ڪنهن متبادل مهاجر پليٽ فارم تي بيهندڙن جي حمايت به ڪري ٿي ته پوءِ ٻين پارٽين لاءِ اها جاءِ نه بچندي جنهن جي آسري هيٺ هي ويٺل آهن ، پي ٽي آءِ جي سياست جو هڪ دڳ ٻڌڻ تائين اچي ٿو پر ڏسڻ ۾ نٿو اچي اهو آهي تبديلي وارو ، جيڪو نعرو هو سنڌ ۾ به کڻي اچن پيا سندن سنڌ جي نوجوانن جو ڪو خاص طبقو پڻ تحرڪ ۾ نٿو اچي ان ڪري کين وڏيرن جا چڪر ڪاٽڻا پون ٿا هاڻي جيڪڏهن وڏيرا پي ٽي آءِ جي تبديلي واري پروگرام کي ڪامياب ڪندا ته اِها سندن سوچ پنهنجي ئي ٿي سگھي ٿي پر ڪابه تبديلي نٿي اچي سگھي سنڌ ڪنهن به پارٽي کي تڏهن قبول ڪندي جڏهن هو سنڌ جي مسئلن تي واضع موقف رکندڙ هجي سنڌ جو هن وقت وڏو مسئلو سنڌ جي وحدت وارو آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم وارو آهي ان سان گڏ سنڌ جي وسيلن جي مالڪي توڙي سنڌ جي نوجوانن کي ملڪي ادارن ۾ گھربل حق ڏيڻ آهي پر اسين ڏسون ٿا ته پي ٽي آءِ به ٻين پارٽين جيان ٻه موقف رکندي نظر اچي رهي آهي پنجاب ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت ته وري سنڌ ۾ ڪپتاني منجھيل موقف رکندي نظر اچن ٿا ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ واري ڳالھه به عمران خان جي هئي وري سنڌ ياترا دوران موقف کي بدلائڻ ۽ منجھيل انداز ۾ چيو ته ڪراچي کي صوبو نٿو بڻائي سگھجي جڏهن کيس واضع چوڻ گھرجي ها ته سنڌ جي وحدت تي حملو برادشت نه ڪيو ويندو ۽ سنڌ ۾ ڪنهن به وڌيڪ صوبو ٺاهڻ واري سوچ کي ڪچليو ويندو ، اهڙي ڳالھه نه ڪرڻ مان وري به سندس موقف ۾ ڪمزوريون ملي رهيون آهن ان ڪري اِهو چئجي ته پي ٽي آءِ ڪا سنڌ اندر پير کوڙي سگھي ٿي ، ان ڪري اِهو سوال پنهنجي جاءِ تي باقي رهندو ته سنڌ عمران خان کي قبول ڪندي ..............؟ جي پي ٽي آءِ پاڻ ۾ تبديلي نه آندي ته پوءِ کين ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو ان ڪري سنڌ جي عوام کي پنهنجي پاڻ مان متبادل آڻڻ گھرجي ۽ سنڌ ۾ قيادت جي تبديلي وارو ڪرادار نڀائڻ گھرجي ........
